ڊاڪٽر ظفر عباسي

ڊاڪٽر ظفر عباسي

ظفر عباسي ڊاڪٽر

ظفر عباسي، ڊاڪٽر: ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ محقق ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جو پورو نالو ظفرالدين عباسي آهي. سندس جنم 2 اپريل 1964ع تي ڳوٺ آباد، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهروفيرز ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. بي. بي. ايس آهي. هن لکڻ جي شروعات 1978ع ڌاري ڪئي. ڊاڪٽر ظفر عباسي صحافت جي شروعات 1981ع ڌاري ڪئي. هيءَ ساهتي پبليڪيشن ڪنڊياري جو 1980ع کان 1982ع تائين ايڊيٽر، ساهتي ڪاليج مئگزين ڪنڊياري جو 1983ع ۾ ايڊيٽر، ايل. ايم. سي ڄامشوري پاران نڪرندڙ سرواڻ مئگزين جو 1989ع ۾ ايڊيٽر، هفتيوار ڪاوش فيملي مئگزين جو 1994ع ۾ ايڊيٽر، ماهوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد جو 1998ع کان 2005ع تائين ايڊيٽر، ماهوار هالار ڊائجسٽ حيدرآباد جو 1998ع کان 2005ع تائين ايڊيٽر رهيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر ظفر عباسي روزاني خادم وطن حيدرآباد اخبار جي اندرين صفحن جو 1989ع کان 1994ع تائين انچارج، روزاني ڪاوش حيدرآباد جي اندرين صفحن جو 1992ع کان 2008ع تائين انچارج، روزاني ڪوشش حيدرآباد، روزاني شام حيدرآباد ۽ روزاني شام ۽ روزاني ڪاوش ۾ پري ويو سيڪشن جي انچارج طور ڪيترو وقت ڪم ڪيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري، ايل. ايم. سي شاخن جو عهديدار، نيو ٿنڪرس فورم، مرڪ ايڊوڪيسي اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي مختلف عهدن تي رهيو. ڊاڪٽر ظفر عباسي ماهوار هالار ڊائجسٽ ۾ ايڊيٽر هجڻ دوران ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي متعارف ڪرايو. هن نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد پبليڪيشن جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”گهرا گهرا گهاءَ“ (ڪهاڻيون 1979ع)، ”تارا تارن هيٺ“ (ٻارن جي ڪهاڻيون 1981ع)، ”سوال چهرا جواب چهرا“ (ڪهاڻيون 1982ع)، ”شاعريءَ جون صنفون“ (تحقيق 1993ع)، ”ٽين دنيا“ (ڪهاڻيون 1996ع)، ”گناهن ڀريو ديوتا“ (ناول ترجمو 1998ع)، ”بي آواز گولي“ (ناول ترجمو 1999ع)، ”تو ته چيو هو“ (شاعري 2005ع)، ”تون ئي تون“ (شاعري 2007ع)، ”مون ۾ تون“ (شاعري 2007ع) ۽ ”سنڌ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صفتون“ (تحقيق 2007ع) قابل ذڪر آهن. ان کان علاوه هن ساهتي پبليڪيشن ۾ املهه ادب سيريز حيدرآباد جي پليٽ فارم تان 19 ڪتاب ڇپرايا آهن. خدمتن طور کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. جن ۾: سنڌ فنڪار اوارڊ 1993ع، چينل 5 اوارڊ 1994ع، سگا ڪنديارو اوارڊ 2004ع، ڪاس اوارڊ 2005ع، ورلڊ ليکڪ مڃتا اوارڊ 2006ع، شاهه لطيف اوارڊ (پي. آءِ. ڊي طرفان 2006ع) ۽ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي طرفان مڃتا اوارڊ 2007ع قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر ظفر عباسي جي گهرواري عابده ظفر پڻ اديب ۽ ايڊيٽر آهي. هن وقت قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.04.02  عيسوي

ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جو جنم 2 اپريل 1964ع تي ڳوٺ آباد، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهروفيرز ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمود ’خادم‘
دادا سنڌي
پٺاڻ نثار احمد
الطاف جوکيو ڊاڪٽر
پوپٽي هيراننداڻي
سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر
سحر انصاري
رضا علي عابدي
رزاق مهر
شاهد احمد دهلوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون